|
محترم سنڌي دوستو!
السلام عليڪم
توهان جي ويب براؤزر ۾ کليل هي ويب سائيٽ جنهن جو ناءُ انهي سنڌ جي نسبت آهي.
جتي امن ۽ محبت جا شاعر شاهه عبداللطيف آرامي آهن. سسئي ۽ پنهون ۽ مارئي انهي
ديس جي محبت جا اهڃاڻ آهن. دنيا ۾ ته ڪئين شيون آهن جن ڏانهن منسوب ٿيندي فخر
محسوس ڪرڻ عار ناهي پر ديس ۽ انهي جي مٽي ڏانهن منسوب ٿيڻ انهي جي لاءِ به اتم
آهي ته اتي پنهنجي زندگي جي ٻالڪپڻي جون ساروڻيون هونديون آهن. جواني جي گذاريل
لمحن جون يادگيريون هونديون آهن. اسان لاءِ يقينن اها ڳالهه باعث فخر آهي ته هي
ويب سائيٽ نه رڳو سنڌ ڏانهن منسوب آهي پر سنڌي رسم الخط ۾ هئڻ سبب سنڌ سان
مضبوط ناتو پڻ رکي ٿي. اهو چوڻ بلڪل بي جا ٿيندو ته هي ويب سائيٽ مڪمل آهي.
اڃان هن ۾ ڪافي ڪمي آهي ۽ ڪافي خاميون ۽ اوڻائيون ٿي سگهن ٿيون. جن کي دور ڪرڻ
۽ نون سلسلن کي شروع ڪرڻ ۾ رهنمائي جي لاءِ توهان ڏسندڙن جي رائي اسان لاءِ
انهي سلسلي ۾ سنگِ ميل بنجي سگهي ٿي. اسان بيحد ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ ۽ اتي جي
رهواسين جي حقيقي آواز کي انٽرنيٽ تي آڻي گلوبل وليج جي اصطلاح واري دنيا ۾ پيش
ڪريون. اسان ۽ توهان مان ڪوبه دوست بنا ڪنهن تڪليف جي صرف انٽرنيٽ تي اچي هڪ
ڪلڪ سان سنڌ متعلق ڪافي ڄاڻ وٺي سگهي ٿو. اسان جي ايندڙ وقت ۾ اها ڪوشش هوندي
ته سنڌين جي انهي آواز، ڪلچر ۽ تهذيب جي روشن رخن کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪري ويب
سائيٽ تي پيش ڪريون. ته جئين وڌ ۾ وڌ ماڻهن تائين پنهنجو آواز پُڄائي سگهجي.انهي ڪوشش طور
اسين جلد ئي ”اردو“ ۾ ايڊيشن متعارف ڪرائينداسين.
انهي ڳالهه کان انڪار ڪو حقيقت کان بيخبر ئي ڪري سگهي ٿو ته انٽرنيٽ تي ايندڙن
مان سنڌي ويب سائيٽس ڏسڻ وارن جو تعداد تمام گهٽ هوندو آهي. پر انهي جو اهو
مطلب هرگز ناهي ته انهي کي بنياد بنائيندي سنڌي ۾ معياري ويب سائيٽس متعارف ئي
نه ڪرائجن. هن وقت ٻين علاقائي ٻولين ۾ ڪافي ويب سائيٽس موجود آهن. انگلش کي
ڇڏي اردو ۾ به ڪافي تعداد ۾ هر موضوع تي ويب سائيٽ تقريبن ملي سگهي ٿي. ۽ سنڌي
۾ ڳالهه انهي جي برعڪس آهي تنهن ڪري انٽرنيٽ تي اچڻ وارن مان قابل افسوس تعداد
ئي سنڌي ويب سائيٽس اوپن ڪري ٿي.
پر بهرحال پوءِ به خوشي جي ڳالهه آهي ته دير به سهي پر انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر تي
سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ ڪافي ڪوششون ٿي رهيون آهن. انهي پس منظر ۾ جتي ۽ جڏهن
به ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ سنڌي جي ترقي جي ڳالهه ٿيندي ته اتي ان حوالي سان سائين
عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جو ذڪر ضرور ٿيندو جنهن صاحب ڪوشش ڪري پنهنجو قيمتي وقت
سيڙائي سنڌي يونيڪوڊ فونٽ ٺاهيا آهن ۽ انهي سلسلي ۾
اڃان به ڪافي ڪم ڪري رهيو آهي. اسان سڀني سنڌين جو نيڪ تمنائون عبدالماجد ڀرڳڙي
صاحب سان گڏ آهن ته هو پنهنجي نيڪ مقصد ۾ ڪامياب ٿئي.
هن ويب سائيٽ جي تياري ۾ تعاون تي اسين سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جا بيحد
ٿورائتا آهيون ته هن پنهنجين مصروفيتن مان ڪي گهڙيون ديس ڏانهن منسوب هن ويب
سائيٽ لاءِ وقف ڪيون.
اسان انٽرنيٽ تي ايندڙ سنڌين
کان اهائي توقع رکون ٿا ته هو پنهنجو قيمتي وقت انٽرنيٽ جي خرابين ۾ ضايع ڪرڻ
بجائي سنڌي ٻولي جي ويب سائيٽن کي استعمال ڪري زنده قوم هئڻ جو ثبوت ڏيندا ته
جئين ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ ٻيو گهڻو ڪجھ ڪري سگهجي.
|