|
|
|
|
وائيس آف سنڌ جي نالي سان هن سنڌي ادبي ويب سائيٽ کي هيٺ ڏنل پاليسي پٽاندڙ پبلش ڪيو ويو آهي. 1. اسان جي پاليسي جو بنيادي نقطو سنڌي ٻولي جي واڌاري ۽ استعمال جي لاءِ انٽرنيٽ تي پنهنجي وس ۽ سگھ آهر جاکوڙڻ آهي. 2. انٽرنيٽ تي موجود مّختلف سنڌين کي گڏي جنن ۾ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن کان وٺي، پرسنل ويب سائيٽ ترتيب ڏيندڙ دوست ۽ سنڌي ويب ماسٽرز وغيرھ اچي وڃن ٿا، سنڌي ادب تي مشتمل هڪ شاندار ۽ بهترين سنڌي ويب سائيٽ ٺاهڻ جيڪا انٽرنيٽ تي سنڌي جو وڏو ادبي مجموعو هجي. 3. انٽرنيٽ جي جديد رابطن ۽ اطلاعات جي پليٽ فارم کي استعمال ڪندي سنڌ جي مختلف مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهي جي لاءِ جاگرتا پيدا ڪرڻ. 4. انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ سنڌي نوجوانن ۾ سنڌي ٻولي ۽ قوم سان محبت پيدا ڪندڙ ۽ رهنمائي وارو مواد مهيا ڪرڻ ته جئين انهن جون صلاحيتون ٻولي جي خدمت جي لاءِ صرف ٿي سگھن. 5. هي ويب سائيٽ ڪن به ذاتي مقصدن جي لاءِ استعمال نٿي ڪري سگھجي. هي مجموعي طور تي سنڌي ٻولي سان لاڳاپو رکندڙ ادبي ويب سائيٽ آهي. 6. ويب سائيٽ تي مذهبي اختلافن ۽ اخلاقي معيار کان ڪريل مواد جي لاءِ ڪابه گنجائش نه آهي. 7. هي ويب سائيٽ انساني برابري، رواداري، امن عامه، عدم تشدد، اعتدال پسندي ۽ روشن خيال اصولن تي ٻڌل آهي. 8. انٽرنيٽ تان مختلف دوستن ۽ وزيٽرز جي طرفان ملندڙ معياري سنڌي مواد کي بروقت ويب سائيٽ ۾ شامل ڪري بنا ڪنهن دير جي انٽرنيٽ تي پيش ڪرڻ به پاليسي جو اهم حصو آهي. |
|
|