Free Web Hosting by Netfirms
Web Hosting by Netfirms | Free Domain Names by Netfirms

‎ڪٿي ڌاڙيل ها ڌن جا، ڪٿي تن جا، ڪٿي من جا،        ’اياز‘ اڄ دانهن ڏِيون ڪنهن کي ته ساري سنڌ گهيرو آ؟

  وائيس آف سنڌ

 انٽرنيٽ جي دنيا ۾ يونيڪوڊ سنڌي ادبي ويب سائيٽ تي ڀليڪار

تاريخ: 16/11/06

 www.voiceofsindh.net


بدين
شمس العماء مرزا قليچ بيگ

    اڳي بدين ۽ چاچڪان جو پرڳڻو هڪ هو يا گڏ هو ۽ سندن مکيه ڳوٺ بدين *۽ چاچڪ هئا، ۽ جھم جو پرڳڻو ۽ ڳوٺ به اُتي هو. سنه 978ھ : 1570ع ۾ جڏهين اڪبر بادشاه سنڌ ۾ آيو، تڏهين مرزا محمد باقي سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن کي هٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجا ماڻهو مقرر ڪيا. بدين ۽ چاچڪان جي پرڳڻي تي پنهنجو پٽ مظفر ترخان مقرر ڪيائين ۽ ساڻس علي خان ڪوڪه گڏي موڪليائين. سگهو ئي پوءِ مرزا باقيءِ پاڻ کي ماري وڌو. مظفر پيءٌ جي مرڻ جو ٻڌي ٺٽي ويو، پر سندس ڀائٽي مرزا جاني بيگ کي اڳيئي حڪم ڪيو هئائون. مظفر جي فساد جو ٻڌي مرزا جاني بيگ مٿس ڪاهي ويو ۽ بدين ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ مظفر شڪست کاڌي، جو سندس سردار فري جاني بيگ جي پاسي ويا. مظفر ڇڙهو ڀڄي ويو ۽ مرزا جاني بيگ سندس سامان پٺيان ڏياري موڪليو ۽ پاڻ بدين جي قلعي ۾ گھڙيو. سنه 998ھ : 1589ع ۾ جڏهين هو خان خانان ۽ مرزا جاني بيگ سان وڙهيو، تڏهين بدين ۽ ٻين قلعن ڏي جدا جدا لشڪر ڏياري موڪليائين، جن وڃي اهي هٿ ڪيا. نيٺ مرزا جاني بيگ لڪيءَ وٽ شڪست کائي اُنڙپور ۾ آيو، جتي وري ٻي شڪست کائي ڀڳو. سنه 1158ھ : 1745ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ ڪڇ جي راءِ جا ماڻهو ڪانجي فتح ڪري بدين ۽ آسپاس جي شهرن تي ڪاهي آيا. ميان نور محمد بهار شاه ۽ ٻين فقيرن کي موڪليو، جن وڃي هنن کي اُتان ڀڄايو.


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 سنڌ جي تاريخ
سنڌي ڪتاب
سنڌي ادب
سنڌي مضمون
سنڌي ڪهاڻيون
سنڌي شاعري
سنڌي پهاڪا
شاهه جو رسالو
مختصر مختصر . . .
سنڌي موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
لنڪس
سنڌي فونٽ
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منڱريو
ديدار علي ڌاريجو
حبيب سنائي

 

 

 

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net